SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


الف اشباع


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

الف اشباع

قديم مذهبي ۽ ٻي سنڌي شاعري ’الف اشباع‘ وارن قافين تي لکي ويندي هئي. يعني شعر جي سٽ جي آخري قافيي واري لفظ جي آخر ۾ الف شامل ڪيو ويندو هو. عام طور چيو وڃي ٿو ته ترخانن جي دؤر ۾مخدوم پير محمد لکويءَ (1532 –1600) الف اشباع واري قافييجو اغاز ڪيو. ٺٽي جي عالم مخدوم ابوالحسن سنڌي زبان ۾ 1700ع ۾ پھريون ڪتاب ”مقدمته الصلوات“، ”الف اشباع“ وارن قافين تي مشتمل لکيو. جنهن ۾ قافيي واري لفظ جي پويان الف (ا) شامل ڪري، ان جو ڊگهو آواز ڪڍيو ويندو هو، جنهن کي ”الف اشباع وارو قافيو”چيو ويندو هو. هن نظم ۾ ٻيا به ڪيترائي منظوم ڪتاب لکيا ويا آهن، خاص ڪري مدرسن ۾ شاگردن کي مذهبي تعليم ڏيڻ لاءِ جوڙيل نظميه سبقن وارا ڪتاب، جن کي ‘سنڌيون’ به چيو ويو آهي. اهي نظم تمام ڊگها هوندا هئا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪ پورو ڪتاب ’الف اشباع‘ وارن قافين تي مشتمل هوندو هو. انهن منظومين ۾ مرثيا، جنگ ناما، نعتيه، مدحيه، ۽ هجويه مضمون پيش ڪيا ويندا هئا. قديم دور جا نظميه ڪتاب جهڙوڪ؛ ”نورنامو“، جنگ نامو“، ”حڪايت الصالحين“ ۽ ٻيا انهن ۾ اچي وڃن ٿا، جن ۾ الف اشباع وارو قافيو ڪم آندل آهي.


Remember Me Also:

دورگو

ذ. [ف. دُور + گو گفتن منجهان ڳالهائيندڙ] پري کان آواز ٻڌڻ جو اوزار ، ٽيليفون.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal